اسلام آباد(منيب فاروق+مزمل سهروردي)سينيٽ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جو نظرياتي ڪارڪن رُلي ويو،خيبرپختونخوا ۾ خاص طور علي امين گنڊاپور تي تنقيد ٿي رهي آهي،تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ جي فارمولي مطابق سينيٽ اليڪشن وڙهي،جيڪڏهن اها پنهنجي فارمولي تحت اليڪشن وڙهي ها ته 8 يا 9 سينيٽر چونڊرائي وڃي ها،پي ٽي آءِ جا اميدوار اسٽيبلشمينٽ جا ئي اميدوار هئا،،ايمل ولي خان کي به بيان ڏيڻو پيو ته شڪريو علي امين گنڊاپور،پي ڊي ايم توهان کي وڏي سپورٽ ڪئي ۽ توهان به پي ڊي ايم جي مدد ڪئي،توهان پ پ،جي يو آءِ ۽ ن ليگ جا سينيٽر چونڊرائي ڇڏيا،مراد سعيد کي ڪنهن ڊيل تحت گرفتار نه ڪيو ويو،کيس خاموشي جوصلو ملي ويو آهي ،ذريعن موجب اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان اسٽيبلشمينٽ آڏو سرينڊر ڪري مخالف پارٽين جا ميمبر سينيٽر بڻايا آهن، هاڻي مزاحمت جو راڳ نٿو هلي سگهي،ان قرباني جي بدلي پي ٽي آءِ طاقتور ڌرين سان ڪا مفاهمت ڪري ورتي ته پوءِ عمران خان جيل کان ٻاهر اچي سگهي ٿو.