غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ خوراڪ جي کوٽ ايتري شدت اختيار ڪري وئي آهي جو هاڻي عام فلسطيني ماڻهن سان گڏ رپورٽنگ ڪندڙ صحافين جون حياتيون به بک سبب خطري ۾ اچي ويون آهن.
عالمي خبر ايجنسي اي ايف پي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته اسرائيل طرفان امداد روڪڻ کانپوءِ پيدا ٿيل خوراڪ جي کوٽ سبب صحافي به سخت متاثر ٿي رهيا آهن.
رپورٽ موجب، 1944ع ۾ جڏهن کان اداري صحافتي سفر شروع ڪيو آهي تڏهن کان ڪيترن ئي صحافين کي تڪرارن ۾ وڃايو، ڪيترائي زخمي ٿيا ۽ ڪيترائي قيد ۾ رهيا، پر ڪو به بک وگهي نه مئو. پهريون ڀيرو اسان جي صحافين جون حياتيون بک سبب خطري آهن ۽ اسان کين اهڙي حالت ۾ مرندي نه ٿا ڏسي سگهون.
اي ايف پي غزا ۾ هڪ فري لانس رپورٽر، 3 فوٽوگرافر ۽ 6 فري لانس وڊيوگرافر سان ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته مستقل عملي 2024ع جي شروعات ۾ غزا ڇڏي ڏنو هو.
موجوده وقت ۾ هي ٽيم ڪجهه ٻين صحافين سان گڏ اڪيلو ذريعو آهي جيڪا غزا ۾ جاري حالتن بابت رپورٽ ڪري ٿي، ڇو ته اسرائيلي اختيارين مهينن کان عالمي ميڊيا کي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
You might also like