لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته نشو ڪندڙن لاءِ پنجاب ۾ ڪا جاءِ ناهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ۾ عظميٰ بخاري چيو ته نشو ڪندڙن خلاف خاص فورس تيار ڪئي وئي آهي.
هن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ”ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس “ جي افتتاحي تقريب جي وڊيو به شيئر ڪئي.
ياد رهي ته لاهور ۾ ٿيل تقريب دوران وڏي وزير مريم نواز ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس جي لانچنگ تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته فورس جا جوان ايمانداري سان ڪم ڪن، لالچ کان پري رهن، مان بهادرن کي پسند ڪندي آهيان ۽ بهادر ماڻهوءَ جي عزت ڪندي آهيان.
مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب جا پراڻا مسئلا هاڻي مصلحتن جو شڪار نه ٿيندا.
You might also like