ايشيا ڪپ نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي اربين رپين جي نقصان جو خدشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سيپٽمبر ۾ ٿيند يا نه، ان جو فيصلو خميس تي ٿي ويندو، پر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ٽورنامينٽ کي روڪڻ لاءِ سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب پاڪستان کي اٽڪل سوا ارب رپين جي مالي نقصان جو خطرو آهي.
ذريعن موجب، ڀارت پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر جي حيثيت سان ناڪام ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي، جڏهن ته سري لنڪا ۽ افغانستان به ڀارتي لابي سان گڏجي پاڪستان مخالف سازشن ۾ سرگرم آهن.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اهم اجلاس خميس تي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڍاڪا ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايشيا ڪپ جو مستقبل بابت فيصلو ڪيو ويندو.
ڀارت ٽورنامينٽ جو ميزبان آهي پر ڍاڪا ۾ رٿيل اجلاس ۾ شرڪت بابت غير يقيني صورتحال جو شڪار آهي ۽ڍاڪا ۾ اجلاس ڪرائڻ جي مخالفت ڪري رهيو آهي.
اي سي سي جي آئين موجب، اجلاس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ٽيسٽ کيڏندڙ ميمبر ملڪن جي شرڪت ضروري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارت سان گڏ افغانستان ۽ سري لنڪا به ڍاڪا ۾ اجلاس جي مخالفت ڪري رهيا آهن، جنهن سبب 10 ميمبر ملڪن جي شرڪت سان ڪورم پورو ٿيڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ڪورم مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ اجلاس جي قانوني حيثيت نه رهندي.
ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته جيڪڏهن هلندڙ سال ايشيا ڪپ نه ٿيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي وڏو مالي نقصان ٿيندو.
پي سي بي ترجمان واضح ڪيو آهي ته هو ڀارتي پروپئگينڊا جو جواب نه ڏيندو.
رپورٽن موجب، پي سي بي کي ايشيا ڪپ ۽ ٻين عالمي ايونٽن اٽڪل 8.8 ارب رپين جي آمدني جو امڪان آهي، جنهن مان رڳو ايشيا ڪپ مان 1.16 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جي اميد آهي.
محسن نقوي اڳوڻي سي او او سلمان نصير کي اي سي سي جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ميمبر نامزد ڪيو آهي، جيڪو هن وقت اجلاس لاءِ ڍاڪا ۾ موجود آهي.
اجلاس ڍاڪا کان منتقل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڀارت ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ به ڪري سگهي ٿو.
ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ برمنگهم ۾ ورلڊ چيمپين شپ آف ليجنڊز ۾ ڀارت پاڪستان جي چيمپيئنز ٽيم خلاف کيڏڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب ميچ رد ٿي وئي،ان مان ڀارتي بورڊ جي رويي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.