ديامر ۾ ايمرجنسي لاڳو، فوتين جو انگ 5 ٿي ويو، ريسڪيو آپريشن جاري
چلاس (ويب ڊيسڪ) ٻوڏ صورتحال سبب ديامر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻوڏ سبب ۾ فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي.
بابو سر ٽاپ تي فليش فلڊ سبب ٻوڏ وهڪرو آيو جنهن ۾ لُڙهي ويل ڪيئي سياح گم ٿي ويا، جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهن به سياحن کي ريسڪيو ڪيو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر موجب، ديامر ۾ ڪالهه ڪڪر ڦاٽڻ سبب بابو سر واري هنڌ تي ٻوڏ آئي.
هن تصديق ڪئي ته ٻوڏ وهڪرن ۾ لُڙهي فوت ٿيندڙن جو انگ 5 ٿي ويو آهي، جن ۾ 4 سياح ۽ هڪ مقامي شهري شامل آهن، علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڊي سي جو چوڻ هو ته فوتين مان 2 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جڏهن ته هڪ ڪٽنب جو 3 ورهين جو ٻارڙو اڃا تائين لاپتا آهي، گم ٿيل سياحن جي ڳولا لاءِ کوجي ڪتن جي مدد ورتي پئي وڃي، جڏهن ته گلگت بلتستان اسڪاٽس وڌيڪ 3 عورت سياحن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ديامر عطاالرحمان موجب، بابو سر کان هيٺ ٿڪ واري علائقي ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب بابو سر روڊ بند ٿي ويو، جتي 7 کان 8 ڪلوميٽر روڊ مڪمل تباهه ٿي ويو آهي. ٻوڏ وهڪرن ۾ 10 کان 15 گاڏيون، جن ۾ ڪوسٽرز به شامل آهن، لُڙهي ويا آهن.
ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته قدرتي آفت سبب بجلي ۽ فائبر آپٽڪ لائين متاثر ٿيون، جنهن ڪري رابطن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. مشينري متاثر علائقي ڏانهن موڪلي وئي آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي پهچي وئي آهي، ناران وٽان به بابو سر روڊ کولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته زخمين کي ايمبولنس ذريعي آر ايڇ ڪيو منتقل ڪيو ويو آهي.
ڊي سي جو چوڻ هو ته قدرتي آفتن جي ردعمل ۾ سڀ ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، اڃا تائين 3 لاشون هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ جو عمل باقي آهي، متاثرن کي امدادي سامان، خوراڪ ۽ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.
گلگت حڪومت جي ترجمان جو بيان
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب، شاهراهه بابو سر تي صبح کان سرچ آپريشن جاري آهي.
ترجمان موجب، ٻوڏ سبب گرلز اسڪول، 2 هوٽل، پوليس چوڪي، پوليس شيلٽر ۽ شاهراهه بابو سر ويجهو اٽڪل 50 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، 8 ڪلوميٽر روڊ سخت متاثر ۽ 15 هنڌن تي بلاڪ آهي، جڏهن ته 4 رابطا پلون به تباهه ٿي ويون آهن.
ترجمان جو چوڻ هو ته سوين ڦاٿل سياحن کي چلاس شهر منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ اڃا تائين 200 کان وڌيڪ سياحن کي ريسڪيو ڪري چلاس پهچايو ويو آهي.
بابو سر ۾ مواصلاتي نظام نه هئڻ سبب سياحن جو گهروارن سان رابطو ڪٽجي ويو، پر چلاس جا هوٽل ۽ گيسٽ هائوس مسافرن لاءِ مفت کوليا ويا آهن.
پاڪ فوج جون امدادي ڪارروايون جاري
شاهراهه بابو سر ۽ شاهراهه قراقرم تي ڦاٿل سياحن ۽ مسافرن لاءِ پاڪ فوج طرفان به ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جنهن دوران هيلي ڪاپٽر ذريعي ڦاٿل ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.
پاڪ فوج ۽ جي بي اسڪاٽس ٽيمون متاثر ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي ۽ طبي امداد فراهم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته روڊن تان رنڊڪون هٽائڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمون سرگرم آهن.