راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) برساتي پاڻي ۾ لُڙهي ويل رٽائرڊ ڪرنل اسحاق قاضي ۽ سندس ڌيءَ جي ڳولا هيلي ڪاپٽر ذريعي به جاري آهي.
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سهالا ٿاڻي جي حدن اندر هڪ گاڏي سميت ٻه ڄڻا برساتي نالي ۾ لڙهي ويا.
پوليس موجب، اڱاري جي صبح 64 سالن جو رٽائرڊ ڪرنل اسحاق قاضي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ڊي ايڇ اي واري گهر مان نڪتو هو، جڏهن ته روڊ تي برساتي پاڻي بيهي وڃڻ سبب سندس گاڏي بند ٿي ويئي.
پاڻيءَ جو وهڪرو تيز هئڻ سبب ٻئي ڄڻا گاڏي سميت نالي ۾ لُڙهي ويا.
برساتي پاڻي ۾ لُڙهي ويل رٽائرڊ ڪرنل اسحاق قاضي ۽ سندس ڌيءَ جي ڳولا هيلي ڪاپٽر ذريعي به جاري آهي.