ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي سنجيدي ڊِيگاري ۾ ٻٽي قتل واري معاملي تي اعلى عملدار بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيِمبر ۾ پيش ٿيا.
ذريعن موجب، گهرو معاملن بابت يڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل آءِ جي سيد وزير، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيِف جسٽس آڏو پيش ٿيا.
ان کانسواءِ ايس پي سيريس ڪرائيم انويسٽيگيشن وِنگ ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر پڻ چيِف جسٽس جي روبرو پيش ٿيا.
جاچ آفيسر ۽ ٻين عملدارن ڪيس ۾ اڳڀرائي، گرفتارين ۽ قبرڪشائي بابت رپورٽ چيف جسٽس کي پيش ڪئي.
واضح رهي ته بلوچستان جي علائقي سنجيدي ڊِيگاري ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوڙي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.
بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روزي خان بڙِيچ واقعي جو نوٽيس وٺندي گهرو معاملن بابت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي طلب ڪيو هو.
You might also like