لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت منشيات جي روڪٿام لاءِ اهم قدم کڻندي صوبي ۾ ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس (سي اين ايف) قائم ڪري ڇڏي.
پنجاب مريم نواز وزيراعليٰ ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس جو افتتاح ڪيو. پنجاب ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿيو، جتي وزيراعليٰ مريم نواز فورس جي لانچنگ ڪئي.
ان موقعي تي ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس جي جنرل سلامي پيش ڪئي وئي، آفيسرن ۽ فورس ميمبرن پنهنجن عهدن جو قسم کنيو ۽ وزيراعليٰ پرچم لاڳاپيل عملدارن حوالي ڪيو.
تقريب دوران وزيراعلي مريم نواز ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس جي لانچنگ تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته فورس جا جوان ايمانداري سان ڪم ڪن، لالچ کان پري رهن، مان بهادرن کي پسند ڪندي آهيان ۽ بهادر ماڻهوءَ جي عزت ڪندي آهيان.
مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب جا پراڻا مسئلا هاڻي مصلحتن جو شڪار نه ٿيندا.
رپورٽ موجب، پنجاب ڪائونٽر نارڪوٽڪس فورس ۾ 866 ڀرتيون ٿيون آهن ۽ هر ڊويزن ۾ ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪيو ويو آهي.
مان بهادرن کي پسند ڪندي آهيان، پنجاب جا پراڻا مسئلا هاڻي مصلحتن جو شڪار نه ٿيندا: مريم نواز
You might also like