راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي قلات ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي ”فتنه الهندستان“ جي 8 دهشتگردن جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن ”فتنه الهندستان“ جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا ، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ وڌيڪ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو ، جنهن دوران وڌيڪ چار دهشتگرد ماريا ويا ۽ هڪ ٺڪاڻو تباهه ڪيو ويو، اتان به وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ آيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان رسائڻ ڀارتي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان ۾ دشمن جي ايجنٽن خلاف جاري ڪارروايون انهي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون ته ملڪ جو هر انچ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کان محفوظ رکيو ويندو.
صدر آصف علي زرداري قلات، ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ”فتنه الهندستان“ جي 8 دهشتگردن جي خاتمي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ملڪ دشمن عنصرن کي انجام تائين پهچايو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
صدر زرداري چيو ته دهشتگرد امن ۽ استحڪام کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن جي اجازت نه ڏني وينديم قوم متحد آهي، دهشتگردي کي هر صورت شڪست ڏبي.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلات ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ۽ سندن پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو.
محسن نقوي چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا، فورسز وقت سر ڪارروايون ڪندي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو.
سندس چوڻ هو ته” فتنه الهندستان“ جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي ساراهيون ٿا. ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو عبرتناڪ انجام واضح پيغام آهي ته پاڪستان ۾ اهڙي فتني کي ڪا پناهه نه ملندي ۽ ملڪ مان هڪ هڪ دهشتگرد جو انت آندو ويندو.