ميرپورخاص (بيورورپورٽ) جسقم شهيد بشير خان قريشي جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ماڻهن سان ويساھ گھاتي ڪئي آهي، پنجاب پنهنجي واعدي تان ڦرندي ڪئنالن جي تعمير لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکيا آهن جڏهن ته ڪئنالن تي ڪم بند نه ڪيو ويو آهي هڪ ڪئنال ۾ پاڻي جو ڇوڙ به ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي اسين سنڌ جي عوام خلاف سازش سمجھون ٿا ۽ سنڌو کي بچائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان عمل ۾ لٿا آهيون سنڌو کي بچايو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف ۽ سنڌ جي حقن جي تحريڪ جي پهرين مرحلي ۾ 29 جولائي تي عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ ايراضي مقامي ماڻهن کي ڏيڻ جي بدران ڌارين کي الاٽ ڪيون ويون آهن عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي صحيع سان 2 لک ايڪڙ زمين الاٽ ڪري چڪو آهي ان موقعي تي پنهل ساريو، نورمحمد مري ۽ ٻيا موجود هئا