ڪراچي ۾ پوليس کاتي ۾ٽيسٽ پاس اميدوارن تي لاٺي چارج،17 زخمي

ڪراچي(رپورٽ:آزاد لال حسين) پوليس کاتي ۾ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران نوڪريون نه ملڻ خلاف ڇھين ڏينھن به پريس ڪلب ڪراچي ٻاھريان احتجاج ڪيو، مظاھرين پاران گھرو وزير جي ھائوس ڏانھن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس مظاھرين کي سنڌ اسيمبلي وٽ روڪي ورتو، مظاھرين تي لاٺي چارج ڪري مظفر جوکيو، فاروق رند، رفيق علي، عمران علي، محمد خان سميت 17 کان مٿي اميدوارن کي گرفتار ڪري آرٽلري ميدان ٿاڻي تي منتقل ڪيو، انھي موقعي تي اميدوارن چيو ته اسان ٽيسٽ پاس ڪئي آھي اسان کي آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، جيڪا زيادتي آھي، اسان ڇھن ڏينھن کان پريس ڪلب ٻاھريان احتجاج ڪري رھيا آھيون ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان گھرو وزير جي ھائوس ڏانھن مارچ ڪيو ته پوليس اسان تي لٺبازي ڪري گرفتار ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته اھا زيادتي آھي، اسان ھڪ سال کان فاقاڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھيون، پوليس کاتي ۾ 40 ھزار کان مٿي جايون خالي آھن، انھي باوجود اسان کي ڀرتي نٿو ڪيو وڃي، ھنن وزيراعلي سنڌ، گھرو کاتي جي وزير، آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان کي آرڊر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ھوڏانھن ٻئي پاسي پوليس پاران گرفتار ڪيل اميدوارن کي پنج ڪلاڪ لاڪپ ۾ رکڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.