ميھڙ( رپورٽ: فراز چنا)جاگيردارن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ام رباب چانڊيو بلوچستان واقعي خلاف پنھنجو ويڊيو بيان جاري ڪندي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ھي نظام پنھنجو چھرو ڏسي ته نياڻين سان ڪھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو ھن چيو ته رياست نياڻين کي انصاف ۽ حق ڏياري نه ٿي سگھي ان ڪري اھڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن ھتي انساني جانين جي ڪوئي قيمت نه آھي ۽ اھڙن واقعن جو ذميدار سرداري نظام آھي عورتن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۾ سرداري نظام جا ھٿ ملوث رھن ٿا ھن چيو ته شيتل نالي نياڻي پسند جي شادي ڪئي ته تقريبن ڏيڍ سال بعد ان کي پنھنجي ئي مڙس سان گڏ غيرت جي نالي تي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي