خيرپور لڳ زميني تڪرار پيءُ پٽ سميت وڌيڪ 3 جانيون ڳڙڪائي ويو

خيرپور/پيرجوڳوٺ/ پريالو (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+ وسيم سنڌي+ عامر صوبل اوڍو)خيرپور ضلعي ۾ رت جي راند رڪجي نه سگھي، کجين جي ڪٽائي دوران ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي دوران ڌرين هڪ ٻئي مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا  فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ خيرپور ڀرسان وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد کورکاڻي ۾  کجين جي ڪٽائي دوران کورکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ دوران پي پٽ سميت 3 ڄڻا آندل ولد سعدالله، محمد رمضان ولد آندل کورکاڻي ۽ محمد علي گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويا. ٽنهي مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وڏا ماڇيون پوليس جو چوڻ آهي ته کورکاڻي برادري جي آندل کورکاڻي ۽ علي محمد کورکاڻي واري ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو آهي جنهن ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي عارضي پوليس پڪٽ قائم ڪرائي ڇڏي آهي. واقعي جو سنڌ جي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو آهي واقعي بابت ايس ايس پي خيرپور سردار حسن نيازي کان رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.