سکر/سلطان پور(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو+ قربان علي مهر) سلطانپور ويجهو ڳوٺ ڀائي خان مهر ۾ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ واري واقعي تي مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهنته هڪ ڄڻو زخمي ٿيو هو. ٽيون زخمي ٿيل نوجوان حفيظ مھر بہ ڪراچي اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو آھي اھڙو اطلاع ملڻ تي فوتين جي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو آھي ايس ايس پي سکر سکر ضلعي جي پوليس ساڻ ڪري ڦورن جو پيڇو ڪيو جيڪي ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا جنهن جي ڊرون ڪيئمرا ذريعي ڳولا ڪري پوليا ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چار ڦورو مارجي ويا .جنھن کانپوءِ ڏوھارين جو ڳوٺاڻن ۽ پوليس ڪمند جي فصل ۾ گھيرو تنگ ڪيو ھو جنھن بعد پوليس مقابلي ۾ 4 ڏوھاري مارجي ويا آهن. جڏھن ته مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ الهرکيو مهر، ٻيڙو مهر، يقين مهر، عابد ڀٽي طور ٿي آھي جنهن جو لاش عورتون پنوعاقل تعلقا اسپتال مان کڻائي آيون ايس ايس پي سکر جو چوڻ هو ته جيڪو به ڏوهاري ڏوھ ڪندو ته ان جو انجام تمام بچڙو ٿيندو.