ممبئي ٽرين ڌماڪا: موت جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 5 جوابدارن سميت ڏوهاري قرار ڏنل سمورا جوابدار بري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بمبئي هاءِ ڪورٽ 2006 واري ممبئي لوڪل ٽرين ڌماڪن جي ڪيس ۾ سزا يافتا سمورن 12 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته 11 جولاءِ 2006 تي ممبئي جي لوڪل ٽرينن ۾ 11 منٽن جي وقفي سان ست ڌماڪا ٿيا هئا، ٽرينن جي فرسٽ ڪلاس بوگين ۾ رکيل پريشر ڪُڪر بم ڦاٽڻ سبب 189 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 824 زخمي ٿيا .
ان ڪيس ۾ مهاراشٽر ڪنٽرول آف آرگنائيزڊ ڪرائيمز ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سيپٽمبر 2015۾ 12 ڄڻن کي ڏوهاري قرار ڏنو هو.
لائيو لا جي رپورٽ موجب، خاص عدالت پنج جوابدارن کي موت ۽ باقي ستن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
خاص عدالت جي فيصلي جي اٽڪل هڪ ڏهاڪي کانپوءِ بمبئي هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ سزا يافته سمورن 12 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.