اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران چوماسي برساتن جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب، سومر کان شروع ٿيندڙ چوماسي برساتن جي نئين سلسلي سبب آزاد ڪشمير، خيبر پختونخوا، اسلام آباد، اپر پنجاب، پوٺو هار، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ آنڌاري ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آه يته چوماسي هي سلسلو 25 جولاءِ تائين جاري رهندو ۽ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ان جي شدت ۾ گهٽتائي جي اميد آهي.