لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي سينيٽ اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار رائو عبدالڪريم ڪاميابي ماڻي ورتي.
غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، حڪومتي اميدوار حافظ عبدالڪريم 243 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اپوزيشن جي اميدوار مِهر عبدلستار 99 ووٽ حاصل ڪيا.
مجموعي طور 368 ووٽن مان 345 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جن مان 3 ووٽ رد ڪيا ويا، پنجاب جي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز به پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
پنجاب مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ صبح 9 وڳي شروع ٿيل پولنگ شام 4 وڳي تائين جاري رهي.
پولنگ لاءِ پنجاب اسيمبلي کي پولنگ اسٽيشن مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر پنجاب ريٽرننگ آفيسر جي ذميواري نڀائي فرض انجام ڏنا.
ياد رهي ته مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان جي امير پروفيسر ساجد مير جي وفات کانپوءِ اِها سيٽ خالي ٿي هئي.
ان سيٽ تي مسلم ليگ (ن) جي حافظ عبدالڪريم، اپوزيشن جي مِهر عبدلستار ۽ ٻه آزاد اميدوار خديجه صديقي ۽ اعجاز حسين وچ ۾ مقابلو هو.