ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي ايئر فورس جي تربيتِي جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، بنگلاديش جي عارضي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي خاص مددگار پروفيسر سيدالرحمان انهن انگن اکرن جي تصديق ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 73 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
بنگلاديشي حڪومت حادثي کانپوءِ اڱاري ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بنگلاديشي فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ايئر فورس جو ايف-سيون بي جي آءِ جهاز سومر ڏينهن ٻهپريءَ جو هڪ لڳي ڇهن منٽن تي اُڏام ڀري، پر فوري طور ظابطي مان نڪري اسڪول جي عمارت سان ٽڪرائجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، هي تربيتِي جهازڍاڪا ۾ ميل اسٽون اسڪول ۽ ڪاليج جي ڪئمپس تي ڪِريو آهي، واقعي واري هنڌ موجود هڪ شاگرد سمودرا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس اکين آڏو جهاز اسڪول جي عمارت سان ٽڪرايو .
هن چيو سندن امتحان هلي رهيو هو، هو امتحاني مرڪز جي ٻاهران بيٺو هو ۽ پوءِ ڏٺو ته جهاز کي باهه لڳل هئي ۽ اهو عمارت سان ٽڪرائجي ويو.
هن دعويٰ ڪئي ته واقعي ۾ سندس ويجهو دوست به حياتي وڃائي ويٺو آهي.
استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته جهاز ڪئمپس سان ان وقت ٽڪرايو جڏهن اسڪول جون موڪلون هلي رهيون هيون، فوتين ۽ زخمين ۾ ڪيترن شاگردن جا والدين پڻ شامل آهن.
سمودرا جو چوڻ هو ته اسڪول گيٽ جي اندر ڪيترائي والدين موجود هئا ۽ ٻار رسيس جي ڪري ٻاهر نڪري رهيا هئا.
بنگلاديشي ايئر فورس جو چيني ساخته جنگي جهاز ”ايف سيون“ تربيتي اُڏام دوران ڪِري تباهه، 19 ڄڻا اجل جو شڪار
You might also like