لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن جي رائل اوپرا هائوس ۾ هڪ اداڪار اسٽيج تي فلسطين جو پرچم لهرائي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اوپرا هائوس لنڊن ۾ پيش ڪيل هڪ ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي تاڙين جي گونج ۾ ناظرين جي داد وٺندڙ اداڪارن مان هڪ فلسطين جو جهنڊو لهرايو.
اداڪار جي هن عمل تي اتي موجود عملي پرچم کسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي باوجود اداڪار جهنڊو هٿ ۾ کڻي اسٽيج تي بيٺو رهيو ۽ پنڊال ۾ موجود ماڻهو تاڙيون وڄائيندا رهيا
اسٽيج تي فلسطين جو جهنڊو لهرائيندڙ اداڪار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.