ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي فلم جي سيٽ تي زخمي ٿيڻ واري خبرن جي حقيقت سامهون اچي وئي آهي.
ٻه ڏينهن اڳ شاهه رخ خان جي صحت بابت خبرون سامهون آيون هيون ته اداڪار کي فلم ”ڪنگ“جي سيٽ تي حادثو پيش آيو ۽ کيس چيلهه ۾ تڪليف ٿي، جنهن سبب مداحن ۾ پريشاني جي لهر پکڙجي وئي هئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته شاهه رخ خان هدايتڪار سڌارٿ آنند جي فلم ”ڪنگ“جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي آمريڪا روانو ٿي ويو آهي ۽ علاج ۽ آرام لاءِ جلد برطانيا منتقل ٿيندو.
هاڻي اين ڊي ٽي وي اداڪار جي ويجهن ذريعن جي حوالي سان خبر شايع ڪندي ٻڌايو آهي ته اِهي سڀ افواهون آهن ۽ انهن خبرن ۾ ڪائي سچائي ناهي.
رپورٽ موجب، هڪ ويجهي ذريعي وضاحت ڪئي ته جيتوڻيڪ شاهه رخ خان کي ماضي ۾ مختلف فلمن جي شوٽنگ دوران ڌڪ لڳندا رهيا آهن، جن جو اثر ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿيندو آهي، پر هن ڀيري اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان پنهنجي علاج ۽ فزيوٿراپي لاءِ باظابطا طور آمريڪا ويندو رهندو آهي، هو جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ آمريڪا روانو ٿيو هو ۽ مهيني جي آخر تائين ڏيهه واپس ورندو.