” ڪنهن جي جذبن سان نه کيڏو“ ساحر لوڌي جي نقلي وڊيوز تي ٺٺولن مهوش حيات کي چيڙائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات سوشل ميڊيا تي ساٿي فنڪارن طرفان ساهر لوڌي جي نقل ڪندڙ وائرل وڊيوز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ميزبان ۽ اداڪار ساهر لوڌي جون ڪجهه وڊيوز هن وقت سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن، جيڪي سندس انسٽاگرام اڪائونٽ تي موجود آهن.
اهي وڊيوز ڀارتي پاپارازي جي اسٽائل ۾ ٺاهيون ويون آهن، جيئن ساهر کي خبر نه هجي ته ڪو سندس وڊيو ٺاهي رهيو آهي، جڏهن ته ڪئميرا مين به سندس پنهنجو آهي ۽ اهي وڊيوز سندس پئج تي شيئر ڪيون پيون وڃن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن انهن وڊيوز تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، پر هاڻي ساٿي فنڪارن به ساڳئي طرز جون وڊيوز ٺاهيون آهن، جن ۾ هدايتڪار ۽ اداڪار ياسر نواز، فيصل قريشي ۽ اعجاز اسلم شامل آهن.
اِهي نقلي وڊيوز ٺاهڻ جو سلسلو ياسر نواز شروع ڪيو، جنهن کانپوءِ ٻين فنڪارن به ساهر لوڌي جي انداز ۾ وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪيون.
ان ڏس ۾ اداڪارا مهوش حيات انسٽاگرام تي لکيو ته ساهر لوڌي هن انڊسٽري ۾ پنهنجي هڪ منفرد جاءِ ٺاهي آهي ۽ اڃا تائين ان مقام تي قائم آهي، جيڪو احترام لائق آهي ۽ ايترو آسان به ناهي.
مهوش حيات چيو ته ” توهان ڪنهن جي انداز کي ناپسند ڪري سگهو ٿا پر انهي انسان جي بنيادي عزت هميشه برقرار رهڻ گهرجي، سڀني کي نرمي ۽ شائستگي اختيار ڪرڻ گهرجي.“
هن وڌيڪ چيو ” ڪنهن مٿان ٺٺول ڪرڻ انتهائي اڻ وڻندڙ ۽ ناجائز آهي، ماڻهو وساري ويٺا آهن ته ساهر به انسان آهي ۽ هن جا به احساس ۽ جذبا آهن جيئن اسان سڀني جا آهن.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.