ڪُرسي تي هڏائون پڃرو ۽ چانهه جو ڪوپ، 30ورهين بعد عورت جو ڍانچو هٿ

ڪروشيا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄڪلهه اداڪارا حُميرا اصغر ڪيس سرخين ۾ آهي پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته ماضيءَ ۾ هڪ عورت جو ٽيهه سال کان وڌيڪ پراڻو لاش هڪ اپارٽمينٽ مان هٿ اچي چڪو آهي؟
جي ها اِهو سچ آهي، 2008ع ۾ ڪروشيا جي هڪ اپارٽمينٽ مان هڪ اهڙي عورت جو ڍانچو هٿ آيو ، جنهن کي آخري ڀيرو 1973ع ۾ زنده ڏٺو ويو هو.
ميديڪل رپورٽن موجب، اِها عورت هيڊويگا گولڪ هئي، هڪ نرس هئي .
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، علائقي واسي ورهين کان سندس بند اپارٽمينٽ بابت پريشان هئا ته اتي ڪو رهندو به آهي يا نه. جڏهن اختيارين اپارٽمينٽ ٻيهر الاٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن اندر هڪ ڪرسيءَ تي عورت جو ڍانچو، 1960ع واري ماڊل جي ٽي وي ۽ چانهه جو ڪپ نظر آيا.
جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته موت جي صحيح تاريخ جي تصديق ممڪن ناهي ٿي سگهي، پر ڪيترين رپورٽن ۾ چيو ويو ته شايد هيڊويگا 1966ع ۾ فوت ٿي هئي ۽ سندس ان وقت سندس عمر 49 سال هئي.
حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته عورت جي گمشدگي بابت ٽي ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪڏهن به اطلاع نه ڏنو ويو ۽ نه ئي 2008ع ۾ لاش ملڻ کانپوءِ ڪو مائٽ سامهون آيو.
انسٽيٽيوٽ آف فرانزڪ ميڊيسن وضاحت ڪئي ته لاش مان ڌَپ رڳو ڪجهه هفتن يا مهينن تائين ايندي آهي، تنهنڪري ڍانچو سالن تائين بنا بدبوءَ جي محفوظ رهي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.