واٽس ايپ به انسٽاگرام ۽ فيسبڪ وانگر ڪم ڪرڻ لڳو

واٽس ايپ ۾ به آخرڪار اشتهار ڏيکارڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
واٽس ايپ طرفان اسٽيٽس اپ ڊيٽس ۽ پروموٽيڊ چئنلز ۾ اشتهار ڏيکارڻ شروع ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته ميٽا جون 2025ع ۾ واٽس ايپ ۾ اشتهارن آڻڻ جو اعلان ڪيو هو.
هاڻي اينڊرائيڊ ڊوائيسز جي بيٽا ورزن ۾ محدود يوزرز کي اشتهار ڏيکارڻ شروع ڪيا ويا آهن.
ميٽا جو واعدو آهي ته ذاتي چيٽس ۾ اشتهار شامل نه ڪيا ويندا، پر هن اپڊيٽ کانپوءِ واٽس ايپ به انسٽاگرام ۽ فيسبڪ وانگر اشتهار ڏيکاريندڙ سروس بڻجي وئي آهي.
ياد رهي ته ميٽا 2014ع ۾ واٽس ايپ 19 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو،۽ هاڻي 11 سال کانپوءِ اشتهارن کي پيغام رسائيندڙ ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ جي بيٽا ورزن ۾ مخصوص واهپيدارن کي اسٽيٽس اپ ڊيٽس ۾ اشتهار نظر اچي رهيا آهن، جن تي واضح طور تي ” اسپانسرڊ پوسٽس“لکيل آهي.
اِهي اشتهار انسٽاگرام اسٽوريز ۾ نظر ايندڙ اشتهارن جيان هوندا، يعني اسٽيٽس اپ ڊيٽس ۾ اسڪولنگ دوران اشتهار نظر ايندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته في الحال اشتهار سڀني بيٽا يوزرز کي نظر نه پيا اچن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته في الحال اهي مخصوص واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن.
جون ۾ واٽس ايپ طرفان 3 اشتهاري فارميٽس آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جن ۾ اسٽيٽس اپ ڊيٽس جا اشتهار، پروموٽيڊ چئنلز ۽ چينل سبسڪرپشن پروموشنز.
ميٽا جي بيان موجب، اشتهارن جي ميڪانزم لاءِ مختلف عنصر، جهڙوڪ ملڪ يا شهر، ٻولي ۽ چئنلز (جيڪي توهان فالو ڪريو ٿا)۽ انهن اشتهارن تي واهپيدارن جي ردعمل کي به ڌيان ۾ رکيو ويندو.
ڪمپني جو اِهو به چوڻ اهي ته واهپيدارن جي سڃاڻپ واري ڊيٽا، جهڙوڪ فون نمبر، پيغام، ڪالون ۽ گروپس، اشتهار ڏيکارڻ لاءِ استعمال نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.