توهان جيفري ايپسٽين بابت تھ ضرور ٻڌو هوندو، جيڪو هڪ ارب پتي سيڙپ ڪار، فنانسر ۽ ٻارن سان جنسي زيادتي جو سزا کاڌل ڏوھاري ھو. جيڪڏهن اسان آمريڪا جي انصاف واري کاتي تي يقين ڪريون ته، جيفري ايپسٽين هڪ سخت سيڪيورٽي واري جيل ۾ خودڪشي ڪئي هئي.
هڪ وقت هو جڏهن جيفري ايپسٽين عالمي اشرافيه ۾ انتھائي بااثر سمجهيو ويندو هو،اھو بھ انهن پارٽين جي مهرباني جن جي ميزباني ھوءَ پنهنجي گرل فرينڊ گيسلين ميڪسويل سان گڏ ڪندو ھو.گيسلين ميڪسويل هاڻي ٻارن سان جنسي زيادتي جي الزام ۾ 20 سالن جي سزا ڀوڳي رهيي آهي. اهي پارٽيون جيفري جي 6 لگذري پراپرٽيز ۾ منعقد ڪيون ويون، جن ۾ جيفري جو گهر، جيڪو نيويارڪ ۾ سڀ کان وڏو گھر آهي ۽ مشهور ‘ايپسٽين ٻيٽ’ شامل آهن.
ان کانسواءِ جيفري وٽ 4 خانگي جيٽ پڻ هئا جيڪي هن جي هاءِ پروفائل مهمانن لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا، جن ۾ ھڪ بوئنگ 727 به شامل ھو.جنھن کي ”لوليتا ايڪسپريس“ ڪو منالو ڏنو ويو ھو. 2019 ۾ صحافي نڪ برائنٽ رپورٽ ڪئي ته جيفري ايپسٽين جي رهائشن ۽ هوائي جهازن ۾ ڳجھيون ڪيمرائن لڳل آھن، جيڪي مبينا طور تي امير ۽ طاقتور ماڻهن کي ڪنڌ جھڪائڻ لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ جي مقصد لاءِ استعمال ڪيون وينديون ھيون.
جيتوڻيڪ جيفري ايپسٽين جي حوالي سان سالن کان مبينھ غيرقانوني جنسي زيادتي ۽ اسمگلنگ جا الزام گردش ڪري رهيا هئا، پر پهرين باضابطه شڪايت 2005 ۾ داخل ٿي، جڏهن هڪ 14 سالن جي ڇوڪريءَ جي والدين دعويٰ ڪئي ته انهن جي ڌيءَ سان جيفري جي گهر ۾ جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي. ان کانپوءَ ھن تي لزام ھڻندڙ سامھون ايندا ويا، الزام ھڻندڙن ۾ گھڻيون هاءِ اسڪول جون شاگردياڻيون هئا، جيڪي پيسن ڪمائڻ جي آسان طريقن ۽ ماڊلنگ جي لالچ ۾ ملوث ٿيون ۽ ڦاٿيون ھيون.
جيفري ايپسٽين هڪ عيش عشرت واري زندگي گذاري ۽ ھوءَ اڪثر ضمانت جي معمولي رقم ادا ڪري يا فريادي سان سودو ڪري مشڪل مان نڪري ويندو ھو. 2008 ۾ ڊگهي قيد جي سزا کي منهن ڏيڻ بدران، هن هڪ ‘نان پراسيڪيوشن معاهدو’ ڪيو تھ جڏهن هن هڪ نابالغ سان جنسي زيادتي جو ڏوهه قبول ڪيو پر کيس صرف 13 مهينن جي قيد جي سزا ملي. اهو فيصلو ان وقت ايترو تھ ڇرڪائندڙ ھو جو، اطلاع مطابق ان وقت جي ھڪ آمريڪي پراسيڪيوٽر اليگزينڊر اڪوسٽا چيو تھ کيس چيو ويو هو ته ايپسٽين کي هلڪي سزا ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته ايپسٽين جا ‘هڪ ڳجهي سروس ايجنسي سان لاڳاپا هئا’.
پر ڪهڙي ايجنسي سان ؟ ھن جي دولت ۽ طاقت ۾ غير معمولي تيزي سان اضافو ان حوالي سان هڪ اشارو ٿي سگهي ٿو. هن ڪاليج جي تعليم بھ مڪمل نھ ڪئي ھئي ۽ نيويارڪ جي مين هٽن جي هڪ امير علائقي ۾ ڊالٽن اسڪول نالي هڪ خانگي اسڪول ۾ فزڪس ۽ رياضي پڙهائيندو هو. هتي هن ڪنهن نه ڪنهن طرح سيڙپڪاري بينڪ بيئر اسٽيئرنز جي سربراهه ايلين گرينبرگ جو ڌيان ڇڪايو ، جيڪو نامعلوم سببن جي ڪري جيفري ايپسٽين کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ ھن جيفري کي پنهنجي فرم ۾ نوڪري تي رکيو، جيتوڻيڪ جيفري کي فنانس ۾ ڪو به تجربو نه هو.
ان کانپوءِ ايلن ،جيفري کي ھڪ يھودي ارب پتي ليزلي ويڪسنر سان متعارف ڪرايو، جنھن چارلس برونيف مين سان گڏجي ڪري گڏ 1991 ۾ ‘ميگا’ گروپ جو بنياد رکيو.ان گروپ کي طاقتور يهودي واپارين جي نيٽ ورڪ طور بيان ڪيو وڃي ٿو، جيڪو اسرائيل لاءِ خيرات ۽ مدد جو ڪم ڪري ٿو.
اڳوڻي آمريڪي جاسوس جان شنڊلر جي مطابق، اسرائيلي انٽيليجنس ميگا کي آمريڪي جاسوسي ۽ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، شنڊلر جو خيال آهي ته جيفري ايپسٽين انهن اسرائيلي انٽيليجنس سرگرمين ۾ ملوث هو.
اڳوڻي اسرائيلي جاسوس ايوي بين ميناش، پڻ دعويٰ ڪئي ته ايپسٽين ۽ گيسلين ميڪسويل اسرائيلي فوجي انٽيليجنس لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ اهم ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ‘هني ٽريپ’ ٺاهڻ ۾ ماهر ت رکندا هئا.
اھي ھي بھ دعويٰ ڪن ٿا ته هڪ ميڊيا بيرن (ميڊيا آئوٽليٽس جو مالڪ) رابرٽ ميڪسويل، جيڪو گيسلين ميڪسويل جو پيءُ پڻ آهي ۽ هڪ بدنام فنانسر ۽ اسرائيلي انٽيليجنس اثاثي جي طور تي ڄاتو ويندو ھو. ان ان ڪم جي لاءِ جيفري ايپسٽين کي ڀرتي ڪيو ھو.
رابرٽ ميڪسويل جا برونف مين سان به ويجها لاڳاپا هئا، جنهن جي ڪري هن جا ميگا گروپ جي اسرائيلي جاسوسي نيٽ ورڪن سان لاڳاپا ٺھيا هئا. سمجھيو وڃي ٿو تھ رابرٽ ميڪسويل PROMIS نالي هڪ سافٽ ويئر پروگرام جي ورزن کي مختلف حڪومتن تائين ڦهلائڻ ۾ مدد ڪئي.جنھن ۾ رڪارڊنگ لاءِ جاسوسي ڊوائيسز سان لڳل ھئا.
سافٽ ويئر جو اھو ورزن اسرائيلي انٽيليجنس کي ڳجهي نموني ان جي جاسوسي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جن ادارن کي نشانو بڻايو ويو، انھن مان هڪ لاس الاموس نيشنل ليبارٽري هئي، جيڪا آمريڪا جي اعليٰ ايٽمي تحقيق مرڪزن مان هڪ هئي. رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته ميگا گروپ جي ٻين ميمبرن ان کي ممڪن بڻائڻ جي سهولت فراهم ڪئي. جيفري ايپسٽين وانگر، رابرٽ ميڪسويل پڻ 1991 ۾ پراسرار حالتن ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته خيال آهي ته هن پڻ خودڪشي ڪئي ھوندي.
هن ڪهاڻي جي هي واحد ‘خودڪشي’ ناهي. ايپسٽين تي الزام ھڻندڙ وڪٽوريا جيوفري تازو ئي پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ملي هئي، جنهن جي موت کي بھ خودڪشي قرار ڏنو ويو هو. دلچسپ ڳالهه ھي آهي ته وڪٽوريا 2019 ۾ ٽوئيٽ ڪيو هو ته ‘مان عوامي طور تي ٻڌائي رهي آهيان ته مان ڪنهن به حالت ۾ خودڪشي نه ڪري رهي آهيان… ڪيترائي خراب ماڻهو مون کي (خاموش) ڏسڻ چاهين ٿا’. جيوفري جي موت کان ٽي سال پوءِ، ڪيس سان ٿعلق رکندڙ هڪ فرانسيسي ماڊل، جين لڪ برونيل، جو سندس جيل جي بند ڪمري مانڳچي ۾ فندو پيل لاش مليو.، جنهن کي مبينا طور تي خودڪشي قرار ڏنو ويو هو.