ھونئن ته سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪمراني آھي. پيپلزپارٽي پنھنجي ھر دور ترقياتي ڪمن جي حوالي سان کوڙ ساريون دعوائون ڪندي رهندي آھي. منهنجي خيال ۾ اھي ترقياتي ڪم شھرن تائين محدود آھن. ٻھراڙي وارن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيا آھن. جڏهن ته ٻهراڙي جي ماڻهن ھميشه پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ايوانن ۾ موڪلين ٿا ته جيئن اهي ايوان ۾ ويھي کين سندن حق ڏياريندا، اسان جا ترقياتي ڪم ٿيندا ۽ سھولتون ملنديون پر ماڻهن جي اهڙي اميد تي پاڻي ڦيري وڃي ٿو، ڇو ته چونڊيل نمائندا ڪوڙا دلاسا ڏئي ووٽ وٺڻ کان پوءِ ظاھر به ناهن ٿيندا.
نيوسعيدآباد تعلقي جا قديمي ڳوٺ اڳرو راھو، عثمان راھو، اڇي مسجد راھو، محمد راھو، گاجي راھو، رئيس مھر علي زرداري، شريف چانڊيو لاکو، ڳوٺ مير حسن جمالي، ڳوٺ عارب جمالي، ڳوٺ قاسم ڊومڪي، ڳوٺ الله ڏنو ڪاڪا، ڳوٺ پير بخش راهو، ڳوٺ عبدالرحيم راهو، ڳوٺ عرض محمد جمالي، ڳوٺ ماڻڪ جمالي، ڳوٺ فيض محمد جمالي، ڳوٺ قادر بخش جمالي، ڳوٺ عبدالحڪيم جمالي، ڳوٺ پراڻو انڙ، ڳوٺ حسين بخش جمالي، ڳوٺ رستم جمالي ساند پير بخش راھو. توڪلي ڊومڪي. خان محمد اڄڻ. پانڌي ھنڱورو ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ اڄ جي جديد دور ۾ گيس، ڊرينيج، اسپتال، روڊ. فلٽر پلانٽ ۽ سي سي بلاڪن جهيڙن سهولت کان محروم آهن.
مٿي ڄاڻايل ڳوٺن جي جر جو پاڻي خراب ھجڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. پر ھن مھل تائين ڪنھن به اداري نوٽيس نه ورتو آهي. نيوسعيدآباد تعلقي جا قديمي ڳوٺ ڪيترين ئي سالن کان بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. ھن تڪ تي سدائين ھتان جي عوام ووٽ ڏئي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڏئي کين وڏي ليڊ سان ڪامياب ڪرايو آھي، پر نيو سعيدآباد تعلقي جا ڳوٺ مسلسل نظرانداز ڇو آھن. ھتان جي رهواسين وس وارن کان فوري طور تي نوٽيس وٺي نيو سعيد آباد جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون مُهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.