ڌرتي ڌڻين جو ڀرجهلو ممتاز بروهي

تحرير: اصغر بروهي

روشنيُن جي شهر ڪراچي ۾ زندگيءَ جي رفتار ڪڏهن به جهڪي يا ماٺي نه ٿي ٿئي، سنڌ جي دل ڪراچي، پنهنجي اصل وارثن، ڌرتي ڌڻين لاءِ هڪ سازش تحت  اوپرو شهر بڻايو پيو وڃي، پر سنڌ جي مختلف ضلعن مان وڏيرن ۽ بدمعاشن، پوليس جي ظلم جو شڪار، بيروزگار سنڌي جڏهن پنهنجي ئي شهر ۾ اچن ٿا ته انهن کي تعصب پرست  نفرت نگاهه ڏسن ٿا.اهڙين ناانصافين خلاف سنڌ جي ڏاهي، دورانديش سوچ ۽ هر رخ جي سمجھه رکندڙ سينئر قومپرست  اڳواڻ ممتاز بروهي عملي قدم کنيا ۽ انهن سمورن مامرن سان گڏ ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي آباد ڪرڻ، سنڌي ڳوٺن ۽ سنڌي ماڻهن جي زمينن تي پوليس جي مدد سان ٿيندڙ والار خلاف عدالتن توڙي سياسي پليٽ فارم تي آواز بلند ڪيو.

ممتاز بروهي پنهنجي علم ۽ تجربي آهر روايتي قومي سياست کان ٻه وکون اڳتي وڌي عملي طور ڪراچي ۾ پنهنجي هر ڏس ۾ پوئتي پيل ۽ پيڙهيل ماڻھن جي قانوني توڙي سياسي وارثي ڪندو رهيو آهي، جنهن ڪارڻ هيءَ سنڌ دشمن مافيائن،  بدعنوان عملدارن  جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀندو رهيو آهي .

ڪراچي اندر لساني ٽولي پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ 2019 ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ جي ٻين ضلعن مان سنڌين کي ڪراچي جا ڊوميسائل، مستقبل رهائشي سرٽيفيڪٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهي ڏنا وڃن، جنهن ڪيس کي به منهن ڏيڻ لاءِ ممتاز بروهي سنڌ جي نالي واري وڪيل امان الله شيخ کي وڪيل ڪري انٽروينر ٿي هاءِ ڪورٽ اندر تاريخي دليلن ۽ قانوني پوائنٽن جي آڌار تي نيٺ تعصب پرستن طرفان داخل ڪرايل اها پٽيشن خارج ڪرائي۔ ان سان گڏ  درياهه، واهڙن، ڪسين، ندين، ڍنڍن ۽ ڍورن مٿان والارن وسيلي پاڻيءَ جا لنگھه بند ڪرڻ، سمنڊ، ندين ۽ واهڙن منجھه گدلاڻ پکيڙڻ وسيلي  جاندارن ۾ بيماريون ڦهلائڻ ۽ هتان جي ماحول کي تباهه ڪرڻ وارن طاقتور ادارن ۽ فردن خلاف  جهيڙيندي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ اندر اهڙا ڪيس داخل ڪيا اٿائين، مافيائن خلاف عدالت جو در کڙڪائيندو رهيو آهي.

اهڙي ريت لاڳيتو ڌرتي جي ويرين ۽ مافيائن جي نشاني تي رهڻ، پنهنجن پيارن جا لاش کڻڻ جي باوجود به ماٺ ٿي نه ويهڻ ۽ عمل جي ميدان منجھه اڳڀرو رهيو، ممتاز بروهي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته  جيڪڏهن هڪ اڪيلو ماڻهو به سچي دل سان حق خاطر وڙهڻ، پنهنجي ديس واسين ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ چاهي ته هو وڏين کان وڏين چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.