شيتل جو چيل جملو، جيڪو سڄي غيرت واري نظام تي ڳرو پيو

ڪافرستان جي مٽي اڄ به سوڳ ۾ آهي.

اڄ اُتي هوا ڳري آهي، جبل شرمندا آهن ۽ درياهه خاموش.

ڇو ته زرڪ ۽ شيتل کي قتل ڪيو ويو.

نه… هو رڳو ماريا نه ويا،

انهن کي محبت ڪرڻ جي سزا ڏني وئي.

انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جي سزا ڏني ويئي.

شيتل بندوقن جي سامهون بيهي چيو:

صرف گولي هڻڻ جي اجازت آهي

سوچو!

ڪيڏي هوندي اها ڇوڪري؟

ڪيتري سادي، ڪيتري سچي،

جنهن محبت لاءِ جان ڏني، پر جهڪي نه.

جيڪي اڪيلي هئي، پر ڊٺي نه.

جنهن جي سامهون بندوقون هيون، مرد هئا، سردار هئا، فيصلا هئا…

پر سندس نگاهون اوچيون هيون ۽ آواز صاف.

هي رڳو هڪ واقعو نه آهي، هي ته اسان جي غيرت جو جنازو آهي.

اهي ماڻهو، جيڪي پاڻ کي عزت وارا چون ٿا،

جن جي هٿن ۾ بندوقون آهن ۽ دلن ۾ نفرت…

اهي هڪ معصوم ڇوڪري کان هارائي ويا.

زرڪ جا هٿ اڳ ۾ ئي ٻڌل هئا،

۽ شيتل کي هڪ هجوم جي اڳيان ڇڏي ڏنو ويو.

نه ڪو رحم، نه ڪو شرم، نه ڪو انصاف.

پر شيتل جي آواز،

اُنهن جي سموري نظام کي لوڏي ڇڏيو.

اهي انگ نه آهن، انسانن جون قبرون آهن.

2024  ۾ پاڪستان ۾ 385 غيرت جي نالي تي قتل رپورٽ ٿيا.

انهن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون هيون.

بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سرداري فيصلا، جرگا، ٽڪريون، ۽ قبائيلي اَنا عورتن جون حياتيون کسي وٺن ٿا.

۽ حڪومت؟

خاموش.

نظام؟

غير حاضر.

سماج؟

تماشو ڏسندڙ.

اسان چيڪي چئي رهيا آهيون:

زرڪ ۽ شيتل ڏوهاري نه هئا .

هو آزاد انسان هئا.

هنن صرف "محبت” ڪئي،

جنهن جو حق الله ڏنو، پر انسان کسيو.

اسان چئون ٿا:

زرڪ ۽ شيتل جي قاتلن کي دهشتگرد قرار ڏئي، انهن تي ڪيس هلايو وڃي.

سرداري نظام، جرڳا هي سڀ غيرآئيني ۽ غيرانساني نظام ختم ڪيا وڃن.

زرڪ ۽ شيتل جي نالي تي جرئت، محبت ۽ انساني آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو وڃي.

اسڪولن ۾ "محبت، بردباري ۽ انسانيت” جي تعليم ڏني وڃي  ڇو ته نفرت جا هٿيار هاڻ تمام گهڻا ٿي چڪا آهن.

خراجِ عقيدت

شيتل… تون شايد هاڻ اسان جي وچ ۾ نه آهين،

پر تنهنجي آواز صديون گونجندو رهندو.

زرڪ… تون بي يارو مددگار هئين، پر محبت تنهنجي سنگ هئي،

۽ محبت ڪڏهن به شڪست نه ٿي کائي.

محبت کي ماريو وڃي ٿو، پر دفن نٿو ڪري سگهجي.

اها ٻيهر جنم وٺندي  هر زرڪ ۾، هر شيتل ۾.

اسان جي آواز، اسان جو وعدو:

اسان لاءِ شيتل جو اهو جملو رڳو لفظ نه آهي

اها اسان جي واٽ آهي:

"صرف گولي هڻڻ جي اجازت آهي

يعني نه جهڪبو، نه ڊڄبو، نه روڪبو.

(سوشل ميڊيا تان کنيل)

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.