ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخوا جي علائقي ڏکڻ وزيرستان مان 7 پوليس اهلڪار لاپتا ٿي ويا آهن.
ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) ارشد خان هن واقعي جي تصديق ڪئي آهي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته لڌ ٿاڻي جي حدن ۾ گشت دوران 3 پوليس اهلڪار لاپتا ٿيا، جڏهن ته سروڪئي ٿاڻي جي حد تانگا چگملائي مان به 4 پوليس اهلڪار گم ٿي ويا آهن.
ڊي پي او موجب، لاپتا اهلڪارن بابت اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي، علائقي ۾ سندن ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن