مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، فتنه الهندوستان جا نوَ دهشتگرد مارجي ويا، اٺ گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي ضلعي مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس، ليـويز، سي ٽي ڊي ۽ ضلعي انتظاميا جي گڏيل آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافتا 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 16 کان 20 جولاءِ تائين ڪارروائين ۾ ڀارتي ايجنسي جي فتنـه الخوارج دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيون ويون، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻن کي انتهائي مهارت سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 خارجي مارجي ويا ۽ 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، آپريشن دوران خارجين جي استعمال هيٺ ٻن ٿاڪن کي تباهه ڪيو ويو
دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، ته مقامي ماڻهن رياست جي دهشتگردي خلاف ڪوششن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ آپريشن کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر جو چون آهي ته علائقي ۾ موجود باقي خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.