خيبرپختونخوا جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف کڻائي ورتو.
چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان حلف برداري لاءِ گورنر ڪي پي کي نامزد ڪرڻ کانپوءِ گورنر هائوس پشاور ۾ حلف برداري جي تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن بعد گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي 25 چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.
مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن رجسٽرار پشاور هاءِ ڪورٽ وٽ درخواست جمع ڪرائي هئي.
ڪي پي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪورم جي نشاندهي تي اجلاس ملتوي ٿيو، جنهن سبب حلف برداري نه ٿي سگهي هئي.
ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن به پشاور هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو، جنهن ۾ عدالت کان ميمبرن جي حلف لاءِ قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
حلف برداري تقريب دوران گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته چونڊيل ميمبرن کي قسم کان روڪڻ شرمناڪ جوڳو عمل آهي، چونڊيل نمائندن جو حلف کڻڻ آئيني حق آهي ۽ اهڙي رنڊڪ افسوسناڪ آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت ٻيهر جمهوري عمل جو مذاق اڏايو آهي، جمهوريت کي هر حالت ۾ قائم رهڻ گهرجي.
گورنر وڌيڪ چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جا ٿورائتا آهيون جو حلف برداري جو اختيار ڏنو، جهموريت جي حرمت کي پائمال نه ٿيڻ ڏبو، تحريڪ انصاف آئيني ذميواري ۾ رنڊڪ کڙي ڪري پاڻ کي بي وائکو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.