راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪستان فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن 19 ۽ 20 جولاءِ تي ”فتنه الهندوستان“ جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني سان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ چئن دهشتگردن جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد قلات ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا، علائقي کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.