ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل کي پرڏيهه سفر کان روڪيو ويو.
ايف آءِ اي اختيارين موجب سردار اختر مينگل کي دبئي ويندڙ هڪ نجي ايئر لائن جي اڏام مان آف لوڊ ڪيو ويو، ڇو ته سندس نالو پرويزنل نيشنل آئڊينٽيفڪيشن لسٽ ۾ شامل هو.
ان ڏس ۾ سردار اختر مينگل ٻڌايو ته هو ته هو دبئي وڃي رهيو هو، پر اميگريشن عملي ٻڌايو ته سندس نالو پي اين آءِ ايل لسٽ ۾ شامل آهي، جنهن سبب کيس اڏام مان لاٿو ويو آهي.