سياحن جي ٻيڙي ٻڏي وئي، 37 ڄڻا اجل جو شڪار

هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام جي مشهور سياحتي علائقي هالونگ بي ۾ سياحن جي ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب 37 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، حادثي جو شڪار ٻيڙي ” ونڊر سي“ سير لاءِ ويندڙ سياحن کي کڻي رهي هئي. ٻيڙي ۾ ڪل 53 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 5 عملي جا ميمبر پڻ شامل هئا.
حادثي کان پوءِ 11 ڄڻن کي بچايو ويو ، جڏهن ته 8 ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
ويٽنام جي سرڪاري ميڊيا موجب ٻيڙي طوفان سبب اونڌي ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.