سنڌو ۾ گڊو وٽ چاڙهه، سکر ۾ لاٿ، ڪچي جا ڳوٺ گهيري ۾ اچي ويا

سکر( رپورٽ: اظھر علي دايو) سنڌو درياءَ ۾ سکر ۽ گڊو بئراج وٽ ھيٺاھين درجي جو چاڙهه رڪارڊ ڪيو ويو آهي.، ارسا خبر موجب سنڌو درياءَ ۾ ھن وقت گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ ھيٺاھين درجي واري ٻوڏ  ھلندڙ  آھي. جڏهن ته گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران  سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو   3لک 1 ھزار100 ڪيوسڪ مان گھٽجي 2 لک 64ھزار155ڪيوسڪ تي پھچي ويو آهي. جڏهن ته گڊو بئراج وٽ وري پاڻيءَ جو مٿانهون وھڪرو  2 لک 33ھزار 116ڪيوسڪ مان وڌي  2لک 39ھزار447 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف ارسا جي ذريعن موجب ھن وقت دريائي وهڪرن ۾ مجموعي طور تي ايندڙ پاڻي 4 لک 10ھزار ڪيوسڪ آهي ڪئنالن ۽ ڊيمن ۾ کڻت بعد باقي ڇڏيل پاڻي 3 لک68 ھزار 500ڪيوسڪ بچي ٿو.ٻئي طرف رم اسٽيشنن يا اپر ڪيچمنٽ ۾ برساتن جا ايڏا وڏا وسڪارا ناھن ٿيا. ڪجھ شھرن نالن ندين ۾ ٻوڏ جي صورتحال برساتن واري پاڻي جي آھي.ھن وقت تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2 لک   60ھزار200 ڪيوسڪ پاڻي جو نيڪال 2 لک 59ھزار800 ڪيوسڪ آهي. چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو   3 لک 30 ھزار874 ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 3لک 93ھزار 419ڪيوسڪ تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو  2 لک 18ھزار 352ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو  2 لک 6 ھزار 852 ڪيوسڪ  ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2لک96ھزار 629ڪيوسڪ ھيٺيون وھڪرو 2لک  89 ھزار 74ڪيوسڪ آهي جڏهن ته ڪابل نديءَ ۾ نوشهرا جي مقام وٽ پاڻي جي سطح 35ھزار 600 ڪيوسڪ تي پھچي وئي آهي. . ٻئي طرف سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ پاڻي جي تيزيءَ سان آمد جاري آهي ڪچو ٻڏڻ سبب اتان جا رھواسي پنهنجي گھر ڀاتين سان گڏ مال ۽ سامان سميت لڏپلاڻ ڪري پڪي طرف اچي رهيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.