قائد عوام يونيورسٽي ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گهرن کي تالا

نوابشاھ ( ڊر) قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه ۾80  ڪروڙ جي گهوٻين  واري ڪيس ۾ ايف آئي اي جا فرار ٿيل جوابدارن  جي گرفتاري لاء ڇاپا لڳا، جوابدار گهرن کي تالا هڻي نڪري ويا. سندن فون نمبر به بند ٿي آهن. هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران قائد عوام يونيورسٽي کي جاري ڪيل 80 ڪروڙ جي فنڊن ۾ خرد برد جي ڪيس ۾ پيش رفت، ايف آءِ اي سرڪل شهيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افروز ڪلوڙ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 4 پروفيسرن سميت 7 فرار جوابدارن پروفيسر عدنان آرائين، پروفيسر پرديپ ڪمار هيراڻي، پروفيسر عبدالناصر لغاري، پروفيسر نديم سومرو، اظهر علي، سيد منصور علي شاهه جي گرفتاري لاء ايف آءِ اي ٽيم يونيورسٽي ڪالوني نوابشاھ ۽ ٻين جڳهن تي ڇاپا هنيا پر نامزد جوابدار  گهرن کي تالا هڻي فرار ٿي ويا آهن.  پر هنن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايف آئي اي قائدعوام يونيورسٽي جي ڊپٽي دائريڪٽر فنانس قمر دين شيخ کي گرفتار ڪيو هو جيڪو ايف آئي اي جي تحويل ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.