حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي لنڊن ٽائون ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيو.اجلاس ۾ تنظيمي، سياسي، ملڪي ۽ عالمي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺي اھم فيصلا ڪيا ويا.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن خلاف آڪٽوبر مھيني ۾ ھٽڙي باءِ پاس حيدرآباد وٽ قومي ڪانفرنس ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. جڏھن ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف فيبروري 2026 ۾ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ٽرين مارچ ڪيو ويندو. جڏھن ته اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڏھرڪي ۾ 25 نومبر ۾، ڊسمبر ۾ رتوديرو، آگسٽ ۾ کيبر شھر ۾ ريليون ڪري جلسي عام ڪيا ويندا. جڏھن تہ سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن 7 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو. جيجي زرينا بلوچ جي ورسي ۽ ايس جي ايس ٽي جو مرڪزي ڪنوينشن 25 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو. جڏھن ھاري ڪانفرنس ڊسمبر ۾ ڪڙيو گھنور ۾ ڪئي ويندي. سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ڊسمبر ۾ ڪيو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته آصف زرداري پنهنجي بادشاھت قائم رکڻ لاءِ سنڌو درياھ، زمينن سميت سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو آھي ته سنڌ مان جيڪو کپي اھو وٺو بس اسان کي رڳو اقتدار ڏيو ۽ منهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي ايندڙ حڪومت ۾ وزير اعظم بڻايو. ڪئنال منصوبو ملڪ جي لاءِ تباھي آڻيندو. وفاقي حڪومت آصف زرداري جي مدد سان ڪجھ ڪمپنين کي خوش ڪرڻ لاء گرين انيشيٽو فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ دشمن رٿا آندي آھي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ زمينن ۽ پاڻي تي قبضا بند ڪيا وڃن. پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوھن ۽ وڏيرا شاھي جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سنڌ بک، بدامني ۽ بدحالي جو شڪار آھي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آھن. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپشن سنڌ ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي.اجلاس ۾ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سينيئر نائب صدر روشن ڪنراڻي، جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، پريس ترجمان اشرف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، شير بانو راھوجو، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفعيه پليجو، روشناس پٺاڻ، صبا سمون، فضا ملاح،سنڌي ھاري تحريڪ جو آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري، مزدور تحريڪ جو آرگنائيزر آغا عباس پٺاڻ، امداد پنھور سجاڳ ٻار تحريڪ جو صدر سرويچ اوٺو، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن شوڪت سريوال، خادم سمون ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.