لاهور(بيورو) پنجاب ۾ برساتن دوران وڌيڪ 10 ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد اهو انڪشاف ٿيو آهي ته صوبي ۾ برسات سبب ٿيندڙ موتن مان اڌ کان وڌيڪ صرف گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيون آهن، جيڪو انگ 70 کان وڌيڪ آهي، صوبي جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب 25 جون کان هن وقت تائين 123 ماڻهو فوت ۽ 462 زخمي ٿي چڪا آهن، صوبي ۾ رڪارڊ برسات ٿي، جنهن شهري ٻوڏ پيدا ڪئي ۽ ڪيترائي رهائشي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، انهن مان 71 موت رڳو گذريل ٻن ڏينهن دوران رپورٽ ٿيا آهن، انهن ۾ لاهور ۽ چنيوٽ مان 3-3، اوڪاڙو مان 2، جڏهن ته چڪوال ۽ سرگوڌا ۾ هڪ-هڪ شهري فوت ٿيو، چڪوال ۾ ٻه ماڻهن جا لاش مليا، جيڪي پاڻي جي وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا، جڏهن ته هڪ شخص گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيو.جڏهن ته پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ اڄ 20 هين جولاءِ کان وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، پي ڊي ايم اي جي هڪ ٻي وارننگ مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪالا باغ ۽ چشما جي هنڌ تي سنڌو درياهه ۾ اوچي سطح جي ٻوڏ جو خطرو آهي، ۽ عملدارن کي احتياطي اپائن وٺڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.