ٽرمپ پاران پاڪ-ڀارت جنگ دوران 5 جهاز ڪرڻ جي تصديق

واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران 5 جهاز ڪيرايا ويا هئا، آمريڪي صدر ٽرمپ، وائٽ هائوس ۾ ريپبلڪن ڪانگريس ميمبرن سان خطاب دوران اهو ته نه چيو ته پاڪستان ڀارت جا 5 جهاز ڪيرايا، پر هن ضرور چيو ته حقيقت ۾ 5 جهاز ڪيرايا ويا هئا، هن وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا، صرف اهو چيو ته صورتحال بدتر ٿيندي پئي وئي، پر هن جنگ روڪائي ڇڏي، پرڏهي ميڊيا موجب ڀارت جو اهو به دعويٰ هو ته هن پاڪستان جا جهاز ڪيرايا، پر پاڪستان واضع طور تي چئي چڪو آهي ته ڀارت پاڪستان جو ڪو به جهاز تباهه نه ڪيو ۽ ڀارت ان جو ثبوت ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.