ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ ويجھو گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ بالي باجڪاڻي ۾ باجڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ماڻھن ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو نوجوان غلام مصطفيٰ باجڪاڻي مارجي ويو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال پھچايو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ،آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل آئي هئي.