نوشهروفيروز ضلعي ۾ قلم 144 مارشل لا جو ثبوت آهي:عوامي تحريڪ

نوشھرو فيروز (پ ر) عوامي تحريڪ ضلع نوشهروفيروز جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ضلع صدر لطيف ڀٽي جي صدارت ھيٺ  ٿيو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ خالد تنيو، نجيب مھيسر خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولھ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته 27 جولائي تي جلالجي چودڳي ۾ سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ وسيلن تي قبضن خلاف ريلي ڪڍي ويندي. 9 آگسٽ تي سنڌياڻي تحريڪ جي نمائنده ڪانفرنس ٿيندي ان موقعي تي خطاب ڪندي نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ لاءِ زھر قاتل آھن. جنھن خلاف سنڌ جي عوام کي ھڪ ڀيرو ٻيھر منظم ٿيڻ گھرجي،نوشهروفيروز ضلعي ۾ لاڳو قلم 144 مارشل لا جو ثبوت آهي اجلاس ۾ ڊاڪٽر فدا حسين ڀريجو، حسين سومرو، فريد ڪلھوڙو، سرور سنڌي، معشوق چاچڙ، علي نواز عالماڻي، ستار عمراڻي، اڪبر سنگراھ، انيس پنھور، سلام سومرو، محمد علي شاھ، اسماعيل عالماڻي، گل ڀنگر ايڊووڪيٽ، شاھد سولنگي ۽ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.