سنڌ حڪومت رڳو ڪرپشن ۾ ترقي ڪئي آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ صوبو گذريل سترهن سالن کان بدترين  حڪومتي ڪارڪردگي، ڌاڙيل راڄ ۽ ظالم وڏيراشاهي جي ظلم واري دور مان گذري رهيو آهي. سنڌوءَ مٿان تڪراري نوان ڪينال جوڙڻ واري معاملي خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻهن  پنهنجي زبردست شعور جو مظاهرو ڪري حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو.پيڪا ايڪٽ اظهارِ راءِ جي آزادي تي حملو ۽ صحافين جي نڙيءَ تي لت ڏيڻ برابر آهي، هن وقت ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ ميڊيا ۽ صحافتي تنظيمون سخت دٻاءَ هيٺ آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس(KUJ) جي نون چونڊيل عهديدارن جي اعزاز ۾ رکيل استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ڪي يو جي جي صدر نصرالله چوڌري، جنرل سيڪريٽري ريحان چشتي، محمد فاروق سميع، منصور احمد، صلاح الدين عباسي، عبدالرحمٰن،جماعت اسلامي سنڌ جو نائب امير حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات وزير علي جمالي ۽ صوبائي امير جو معاون خصوصي زاهد حسين راڄپر پڻ موجود هئا. ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي گذريل سترهن سالن کان لاڳيتو اقتدار ۾ هجڻ باوجود ڪجهه به ڊليور ناهي ڪري سگهي، حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ حڪومت صرف ڪرپشن ۽ چوربازي ۾ ترقي ڪئي آهي. . اپر سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ عوام جي جيئڻ کي حرام بڻائي ڇڏيو آهي.  هن وقت سنڌ جا اصل رهواسي هندو برادري سخت پريشان ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهي، جماعت اسلامي سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف سنڌ اسيمبلي ۽ وزيراعليٰ هائوس جو گهيراءُ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.