ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ انتهاپسندي خلاف ميرپورخاص ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ريلي

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) جيئي سنڌ محاذ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي، معدني وسيلن ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ۽ مذھبي انتھاپسندي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويو  احتجاجي مارچ ۾ شريڪ سوين عورتن مردن ۽ ٻارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف روڊن تي مارچ ڪيو. احتجاجي مارچ کي خطاب ڪندي جسم چيئرمين رياض چانڊيو، سيد نواز شاھ ڀاڏائي ۽ ٻين چيو ته ويڪائو ۽ مفاد پرست سياستدانن سان ساز باز ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ هڪ سازش تحت سنڌ جي نوجوان نسل ۾ منشيات جو زهر ۽ سنڌ ۾ انتها پسندي کي ڦهلايو پيو وڃي. هن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب پورو ملڪ بدامني، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ور چڙهيل آهي ّ ان باوجود پيٽرول بم ڪيرائي عوام کي وڌيڪ پريشان ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿل رهي ۽ پنهنجن جائز حقن لاءِ نه ڪري سگھي. هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت ڌاڙيل ڪلچر جي پشت پناهي ڪئي پئي وڃي، سنڌ مان نڪرندڙ گيس جو 71 سيڪڙو پنجاب استعمال ڪري ٿو سنڌ جي گيس ته پنجاب جي انڊسٽري هلي رهي آهي ۽ سنڌ جون صنعتون گيس نه هجڻ جي ڪري بند پيون آهن. نوري آباد، حيدرآباد، ملير ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ موجود فيڪٽرين ۽ عوام کي گھرن جي چلھ ٻارڻ لاءِ گيس ناهي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون صاحب بهادرن جي حوالي ڪيون ويون آهن سنڌ ۾ آباد زمينن لاءِ پاڻي ناهي ته پوِءِ انهن زمينن لاءِ ڪٿان پاڻي ايندو واضع آهي ته انهن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آبادگارن جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي ڪارپوريٽ فارمنگ واري زمينن کي ڏنو ويندو، هن چيو ته سنڌ ۾ ننڍي عمر جي شادين خلاف قانون موجود آهي پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي اقليتي برادري جي معصوم نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب تبديلي ڪرائي کين پنهنجي وحشت جو نشانو بڻايو وڃي ٿو هن اعلان ڪيو ته 27 جولائي تي حيدرآباد ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.