نون ٽيڪسن خلاف ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڙتال

ڪراچي/ لاهور(رپورٽر/ م ڊ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي اختيارن ۾ واڌ خلاف واپاري برادري ۾ ملڪ گير هڙتال جي معاملي تي ورهايل نظر آئي، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان هڙتال جي سڏ تي شهر قائد ۽ لاهور جون اهم مارڪيٽون بند رهيون، پشاور ۾ ڪاروباري  جاري رهيو، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي هڙتال جي سڏ تي اولڊ سٽي ايريا جون مارڪيٽون، زينب مارڪيٽ، نارٿ ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ موجود مارڪيٽن سميت اهم مارڪيٽون بند رهيون، صرافه بازار، دوائن جي مارڪيٽ، ڪپڙي جي مارڪيٽ، اناج منڊي، ايتري قدر جو ڀاڄي ۽ ميون جي منڊيءَ ۾ به ويراني رهي، شهر جا اهم واپاري مرڪز، جهڙوڪ صدر، لياقت آباد، سرينا موبائل مارڪيٽ ۽ حيدري ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو، سائيٽ، نارٿ ڪراچي، فيڊرل بي ايريا ۽ ٻين صنعتي علائقن ۾ فيڪٽريون بند ۽ مشينون خاموش نظر آيون،  صنعتڪار به هڙتال ۾ شريڪ ٿيا، شهر جي لڳ ڀڳ پنجاهه واپاري تنظيمون ۽ گڊز ٽرانسپورٽرز به هڙتال جي حمايت ڪئي، جوڙيا بازار جي اناج منڊي سميت مختلف واپاري علائقن ۾ به ڪم مڪمل طور تي بند رهيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور وڏي تعداد ۾ مارڪيٽن جي ٻاهران موجود رهيا ۽ روزگار نه ملڻ سبب مايوس نظر آيا، ڪراچي چيمبر جي صدر جاويد بلواڻي جمعي جي رات پريس ڪانفرنس ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي ٻڌايو هو ته هڪ ڏينهن جي هڙتال پرامن هوندي، پر جيڪڏهن حڪومت اسان جا مطالبا لکت ۾ قبول نه ڪيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ٻئي پاسي پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ مارڪيٽون ۽ بازارون کليل رهيون، پشاور چيمبر هڙتال ملتوي ڪري 15 آگسٽ جي تاريخ ڏني هئي، ياد رهي ته ايف بي آر جي اختيارن ۾ واڌ واري معاملي تي واپارين ۾ اختلاف ظاهر ٿيا هئا، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (FPCCI) هڙتال کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور چيمبرز هڙتال جي سڏ تي قائم رهيا، ايف بي آر جي اختيارن ۾ واڌ بابت حڪومت فيڊريشن آف چيمبرز آف ڪامرس کي ته قائل ڪري ورتو هو، پر وڏن چيمبرز کي راضي نه ڪري سگهي، واپارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت سندن مطالبن جي منظوري جو لکت ۾ حڪم نامو جاري نه ڪيو ته هڙتالن جو دائرو وڌايو ويندو، واضح رهي ته ڪراچي چيمبر حڪومت جي فنانس بل ۾ شامل نون ٽيڪسن ۽ واعدي موجب رليف تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي هڙتال جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.