لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حارث رئوف مڪمل طور تي فٽ ٿي ٽريننگ به شروع چڪو آهي.
حارث رئوف آمريڪا ۾ ٿيل ميجر ليگ ڪرڪيٽ دوران هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن سبب هو باقي ميچز ۾ حصو نه وٺي سگهيو هو.
هاڻي حارث رئوف مڪمل طور فٽ آهي، 10 ڏينهن مڪمل آرام کانپوءِ ٽريننگ شروع ڪري چڪو آهي ۽ بالنگ جي به شروعات ڪري ڇڏي آهي.
حارث رئوف نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٽريننگ جاري رکندو ۽ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ ٽيم کي دستياب هوندو.
ياد رهي ته حارث رئوف انجري سبب بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.