ڏاڍيون دعائون ڪيون اٿم پر شادي ٿئي ئي نٿي: نورين گلواني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اُڀرندڙ اداڪارا ۽ ماڊل نورين گلواني چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ڇوڪرا کيس پيغام اُماڻيندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري ”اسان جو دل توهان جي ٿي“ قسم جا هوندا آهن ۽ هوءَ ڇوڪرن جا انباڪس کوليندي ئي ناهي.
نورين گلواني ويجهڙ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي فني سفر ۽ نجي زندگي بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن ٻڌايو ته پرفارمنگ آرٽس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ اداڪاري شروع ڪئي، تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ ئي شوبز انڊسٽري ۾ اچڻ جي خواهش هئي.
نورين موجب، اداڪاري جو گهڻو تجربو نه هو، اسڪول ۾ هڪ ٻه ٿيٽر ڪيا هئا، پر اداڪاري جو شوق هيو، تنهنڪري پرفارمنگ آرٽس ۾ ڊگري وٺڻ بعد شوبز جو رُخ ڪيو.
هڪ سوال جي جواب سندس چوڻ هو ته فلمن ۾ ڪم دوران وڌيڪ سهولتون ملن ٿيون ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جا پنهنجا مزا آهن، جڏهن ته ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو به الڳ ئي مزو آهي.
نورين گلواني پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته هوءَ پنهنجي شادي لاءِ دعائون به ڪندي آهي، پر شادي نٿي ٿي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ ڊگهي قد، اسپورٽس مين، جانورن سان محبت ڪندڙ ۽ سٺين عادت واري ڇوڪري سان شادي ڪندي.
اداڪارا چيو ته هوءَ اهڙي شخص سان شادي نه ڪندي جيڪو ڪم نه ڪندو هجي، هوءَ ان کي ئي پنهنجو جيون ساٿي بڻائيندي جيڪو ڪم ڪم ڪار سان هجي، جيڪڏهن اداڪار هجي ته وڌيڪ سٺو ٿيندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ نورين گلواني ٻڌايو ته اڄ تائين ڪنهن مرد مداح شادي جي آڇ ناهي ڪئي، ها، پر سوشل ميڊيا تي ڪيترائي پيغام ايندا آهن.
نورين موجب، ڪيئي ڇوڪرا سوشل ميڊيا تي ”اسان جِي دل هاڻي توهان جي آهي“ ٽائپ جا پيغام موڪليندا آهن ۽ هوءَ سندن جا انباڪس کوليندي به ناهي، ميسيج ڏسي ڊليٽ ڪري ڇڏيندي آهي.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته هوءَ هڪ ڏينهن لاءِ وِلاگر بڻجي پنهنجي ڪنهن پسنديدا هنڌ جو وِلاگ شوٽ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.