” ماڻهن کي بُک وگهي ماريو پيو وڃي“ عثمان خواجا هو ڀيرو ٻيهر فلسطين جي حق ۾ آواز اُٿاريو ڇڏيو

سڊني (ويب ڊيسڪ (آسٽريلوي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عثمان خواجا هڪ ڀيرو ٻيهر معصوم فلسطينين ۽ ٻارن تي اسرائيلي ظلمن خلاف آواز اُٿاريو آهي.
عثمان خواجا مسلسل فلسطينين ٻارن مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي.
ويجهڙ عثمان خواجا پنهنجي انسٽاگرام تي اسرائيلي حملن جي نتيجي زخمي ٿيل فلسطيني ٻارن جي وڊيو اپلوڊ ڪئي .
ڪرڪيٽر وڊيو سان گڏ لکيو ته ” هي ڏسڻ مشڪل آهي، تصور ڪريو اهڙي زندگيءَ جو، هي بربريت ۽ ظلم اسان اڃا به ڏسي رهيا آهيون، يونيسيف هن کي ٻارن لاءِ قبرستان قرار ڏنو آهي.“
عثمان خواجا وڌيڪ لکيو ته ” 2 سال ٿي ويا ۽ اڃا به ٻارن ٻارن کي ماريو پيو وڃي، ماڻهن کي بُک ماريو پيو وڃي، طبي امداد جي مرڪزن تي حملا ٿي رهيا آهن.“
آسٽريلوي ڪرڪيٽر چيو ته ”مان ان سلسلي ۾ آواز بلند ڪندو رهندس، جيڪڏهن اسان لاءِ هي سڀ معمولي بڻجي ويو آهي ته حقيقت ۾ اسين ختم ٿي چڪا آهيون، خاموش نه ويهو، هميشه انسانيت، برابري ۽ روشن آئيندي لاءِ پتوڙيو.“
ياد رهي ته غزا ۾ آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين 58 هزار فلسطيني شهيد ۽ اٽڪل هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.