حرا مانيءَ جون بولڊ تصويرون وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان حرا مانيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڙهي ۾ پنهنجي بولڊ انداز سبب سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
”دو بول“، ” ميري پاس تم هو“،”سن يارا“، ” غلطي“۽ ‘يون تو هي پيار ڀي“ ۾ شاندار اداڪاري جو مظاهرو ڪندڙ حرا ماني جي شادي سلمان ثاقب شيخ عرف ”ماني“ سان ٿي، جنهن کيس شادي کانپوءِ شوبز انڊسٽري ۾ متعارف ڪرايو.
حرا ماني جا ٻه پٽ مزمل ۽ ابراهيم آهن،۽ هوءَ وقت به وقت مڙس ۽ ٻارن سان گڏ دلچسپ تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي آهي.
پنهنجي خوش مزاجي لاءِ مشهور حرا ماني آفيشل انسٽاگرام تي پنهنجي خيالن جو اظهار بي باڪيءَ سان ڪندي آهي.
تازو هن گلابي ساڙهي ۽ ريويلنگ بلاوز ۾ تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ سندس انداز ۽ تاثر کي ڪافي بي باڪ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان کيس سخت تنقيد ڪئي وئي.
ڪيترن ئي واهپدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حرا ماني جي ذهني حالت تي سوال اٿاريا.
هڪ صارف لکيو ته ”لڳي ٿو دماغي حالت ٺيڪ ناهي“، جڏهن ته ٻئي چيو ته ” مسلم ملڪن ۾ ظلم جاري آهي ۽ اسان جا اداڪار بيحيائيءَ ۾ رڌل آهن.“
هڪ ناراض مداح سخت لفظن جو استعمال ڪندي لکيو ته ” خبر نٿي پوي ته ماءُ پيءُ ڪيترا اڀاڳا هوندا، جيڪڏهن اگهاڙو ٿيڻو ئي آهي ته پوءِ هڪ ڌڪ سان سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيو.“
مايوسي جو اظهار ڪندي هڪ مداح چيو ته ” مون کي توهان ڏاڍو پسند هئا، پر پاڻ پنهنجي زوال جو سبب بڻجي رهيا آهيو، مهرباني ڪري پنهنجي تذليل نه ڪريو، اسان کي اِها بيحيائي قبول ناهي.“
ٻئي پاسي اداڪارا تنقيد جو ڪو جواب ناهي ڏنو، جڏهن ته سندس تصويرون اڃا تائين انسٽاگرام اڪائونٽ تي موجود آهن ۽ تبصرن جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.