76 ملڪن ۾ 21 هزار 406 پاڪستاني شهري قيد هجڻ جو انڪشاف

سلام آباد (ويب ڊيسڪ(سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا جي 76 ملڪن ۾ 21 هزار 406 پاڪستاني شهري جيلن ۾ قيد آهن.
سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر ذيشان خانزادا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سمنڊ پار پاڪستاني وزارت جي جي عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سعودي عرب ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 هزار 423 پاڪستاني قيد آهن، جڏهن ته ٻئي نمبر تي گڏيل عرب امارتن ۾ 5 هزار 297 پاڪستاني قيد آهن.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ترڪي ۾ هڪ هزار 437 ۽ ڀارت ۾ 738 پاڪستاني جيلن ۾ آهن.
اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته ٻاهرين ملڪن ۾ 14 پاڪستاني سفارتخانن کان اڃا تائين قيدين جو مڪمل رڪارڊ حاصل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪيئي پاڪستاني شهري ڏنڊ ادا نه ڪرڻ سبب جيل ۾ آهن.
ياد رهي ته 19 مئي 2025 تي پرڏيهي کاتي قومي اسيمبلي ۾ انگ اکر پيش ڪيا هئا جنهن تحت سڄي دنيا مجموعي طور 23 هزار 456 پاڪستاني قيد آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ 12 هزار 156 سعودي عرب ۾ آهن، جڏهن ته گڏيل عرب امارتن 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني قيد آهن.
پرڏيهي کاتي جي انگن اکرن موجب، چين ۾ اٽڪل 400، بحرين ۾ 450، افغانستان ۾ 88، قطر ۾ 338، عمان ۾ 309 ۽ ملائيشيا ۾ 255 پاڪستاني جيلن ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.