حڪومت جو شاگردن مفت اليڪٽرڪس بائيڪس ڏيڻ جو اعلان، ڪهڙا اهل هوندا؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اليڪٽرڪ گاڏين جي عام ماڻهوءَ تائين رسائي لاءِ حڪومتي سطح تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اليڪٽرڪ گاڏين جي حوصلا افزائي سان ٻارڻ ۾ اربين ڊالرن جي بچت، ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي صنعت کي هٿي ملندي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، جمعي ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي حوصلا افزائي، اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن،رڪشا ۽ لوڊر جي حصول ۾ حڪومتي مدد بابت جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، عطا تارڙ، خاص مددگار هارون اختر، چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ جي تعليمي بورڊن جي ٽاپرن کي اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيندي ۽ بي روزگار ماڻهن کي روزگار لاءِ ترجيحي بنيادن تي اليڪٽرڪ رڪشا ۽ لوڊر فراهم ڪيا ويندا.
هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري ۽ سار سنڀال لاءِ مڪمل ايڪو سسٽم ٺاهيو وڃي ۽ انهن جي ورڇ ۽ حڪومتي مدد واري نظام جي ٿرڊ پارٽي ذريعي تصديق ڪرائي وڃي.
وزيراعظم چيو ته حڪومتي سهولت واري اسڪيم ۾ معاشي طور ڪمزور ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ عوام ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي. اليڪٽرڪ بائيڪ، رڪشا ۽ لوڊرن جو بهترين معيار ۽ سيڪيورٽي معيار يقيني بڻايو وڃي.
اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته حڪومت اليڪٽرڪ بائيڪس، رڪشا ۽ لوڊر لاءِ گهٽ قيمت ۽ آسان شرطن تي قرض جي ذريعي حصول ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي.
هڪ لک کان وڌيڪ اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ 3 هزار کان وڌيڪ لوڊر رڪشا لاءِ عوام کي سهولت ڏني ويندي.
اسڪيم تحت فيڊرل سميت ملڪ جي سڀني تعليمي بورڊن ۾ انٽرميڊيئيٽ سطح تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي مفت اليڪٽرڪ بائيڪس ڏنيون وينديون.
اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا ۽ آبادي جي حساب سان ٻين صوبن جو ڪوٽا رکي وئي آهي، جڏهن ته وزيراعظم بلوچستان جو ڪوٽا وڌائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
اسڪيم جي نتيجي ۾ بيٽريون ٺاهيندڙ 4 نيون ڪمپنيون ڪم شروع ڪري رهيون آهن، جنهن سان پاڪستان ۾ نوان ڪاروباري موقعا ۽ روزگار پيدا ٿيندا، وزيراعظم اسڪيم جي جلدي شروعات کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.