نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت چيو آهي ته ان پنهنجي ائٽمي صلاحيت رکندڙ ۽ گهٽ فاصلي تي مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائلن پرٿوي-ٽو ۽ اگني-ون جا ڪامياب تجربا ڪيا آهن.
ڀارتي حڪومت موجب، اِهي تجربا خميس جي رات اڙيسا رياست جي علائقي چنديپور ۾ موجود انٽيگريٽيڊ ٽيسٽ رينج (آءِ ٽي آر) مان ڪيا ويا.
ڀارتي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته اهي ڪامياب تجربا ”اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ“ جي نگراني هيٺ ڪيا ويا، جنهن دوران سمورن عملي ۽ فني رخن جي تصديق ڪئي وئي.
ڀارتي بچاءَ واري وزارت جي بيان موجب،” گهٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائلن پرٿوي-ٽو ۽ اگني-ون کي 17 جولاءِ تي اڙيسا جي چنديپور ۾ انٽيگريٽيڊ ٽيسٽ رينج مان ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو.
ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه ان ڪاميابي تي ڀارتي فوج، ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن (ڊي آر ڊي او) ۽ بچاءَ واري وزارت ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ” هيءَ هڪ ذڪر جوڳي فتح آهي“